اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چين کي شنگھائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان چين جي ترقياتي ماڊل مان سکڻ چاهي ٿو.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب لي چيانگ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ-چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزما ورجايو.
پڌرائي چيو ويو آهي ته پاڪستان جلد چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ پانڊا بونڊز جاري ڪندو، ملاقات ۾ سي پيڪ تحت ايم ايل ون، قراقرم هاءِ وي جي ٻيهر الائنمينٽ ۽ گوادر پورٽ جي جلد نفاذ تي زور ڏنو ويو.
ان کانسواءِ پاڪ-چين وزيراعظمن جي ملاقات دوران سي پيڪ فيز 2 سميت 5 نون ڪوريڊورز تي تيزي سان ڪم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.
پڌرائي موجب، بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ 300 پاڪستاني ۽ 500 چيني ڪمپنين شرڪت ڪئي، جنهن ۾ زراعت، معدنيات، ٽيڪسٽائيل، صنعت ۽ آءِ ٽي کي سيڙپڪاري لاءِ ترجيحي شعبا قرار ڏنو ويو.
وزيراعظم چين کي ايس سي او سربراهي اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان چين جي ترقياتي ماڊل مان سکڻ جو خواهشمند آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي خودمختياري ۽ ترقي ۾ حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا ۽ صدر شي جن پنگ جي عالمي قدمن جي ڀرپور حمايت جو عزم ورجايو.
پڌرائي ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته گڏيل ايڪشن پلان 2024-29 تي صحيح کي هڪ اهم ڪاميابي قرار ڏنو ويو، ٻنهي اڳواڻن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، آءِ ٽي، ميڊيا ۽ زراعت سميت ڪيترن ئي معاهدن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ٻنهي اڳواڻن ايندڙ سال پاڪ-چين سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه شاندار نموني سان ملهائڻ تي به اتفاق ڪيو.
وزيراعظم جي چيني هم منصب سان ملاقات، سي پيڪ فيز 2 سميت 5 نوَن ڪوريڊورز تي تيزي سان ڪم ڪرڻ تي اتفاق
You might also like