اسلام آباد (اسد طور) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن معزز ججن جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان چيف جسٽس سرفراز ڊوگر خلاف ٻه ڌار ڌار خط لکي سخت الزام لڳايا آهن. ٻنهي ججن خطن ۾ ٻڌايو آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ شفافيت ختم ٿي چڪي آهي ۽ عدليه هاڻي رياست جي ڪنٽرول هيٺ اچي وئي آهي. جسٽس بابر ستار پنهنجي 4 صفحن واري خط ۾ الزام هنيو آهي ته ڪيسن جي ورهاست ۾ سينيئر ججن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، روسٽر تياري ۾ شفافيت ناهي، ۽ ججن کي اين او سي ذريعي پرڏيهه وڃڻ کان به روڪيو پيو وڃي. خط مان ائين لڳي ٿو ته طاقت ۽ اختيار ججن کي بادشاهه نه پر عوامي آفيسر هجڻ جي ياد ڏيارڻ گهرجي، پر افسوس عدليه جي آزادي متاثر ٿي رهي آهي. ساڳي وقت جسٽس اعجاز اسحاق خان ٻن صفحن جي خط ۾ لکيو ته فل ڪورٽ ميٽنگ رڳو چيف جسٽس جي خواهش تي نه گهرائجي، پر اهم آئيني معاملن لاءِ ٿيندي آهي. هن اعتراض ڪيو ته ڪميٽين مان سينيئر ججن کي ڪڍي جونيئر ججن کي آندو ويو، جيڪو غير منصفاڻي عمل آهي. خطن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا جج وڏي پگهار ۽ مراعتون وٺي به انصاف بدران رياست جي وفاداري پيا نڀائن، جنهن سان شهري پنهنجن بنيادي حقن کان محروم ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن اهڙي عمل سان عدليه ڪمزور ٿي وئي ته ملڪ ۾ جمهوريت جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو.