اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌڙا بندي جو شڪار، 5 ججن جي ڌار گڏجاڻي؟

اسلام آباد (مطيع الله جان/عديل سرفراز) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فل ڪورٽ اجلاس دوران ججن جي وچ ۾ اختلاف سامهون اچي ويا. رجسٽرار موجب 11 ججن مان سڀني اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پر ذريعن موجب پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز تي ووٽنگ دوران 6 ججن حمايت ڪئي جڏهن ته 5 ججن اختلاف ڪندي واڪ آئوٽ ڪري ڌار گڏجاڻي ڪئي. ذريعن موجب ڌار گڏجاڻي سينيئر پيوني جج جسٽس محسن اختر ڪياني جي چيمبر ۾ ٿي، جنهن ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس ثمن رفعت، جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قانونن بابت اختلاف اڳ ۾ لکيل خطن سبب به پيدا ٿيا هئا. چيف جسٽس سرفراز ڊوگر طرفان رولز هڪ ووٽ جي اڪثريت سان منظور ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويندو پر 5 جج موقف اختيار ڪندا ته هو ڪارروائي جو حصو نه هئا. هاڻي سوال اهو آهي ته اجلاس جي منٽس تي صحيحون سڀ جج ڪندا يا نه، جنهن سان صورتحال واضح ٿيندي. هاءِ ڪورٽ جهڙي اهم اداري ۾ ججن جي ڌڙابندي نه رڳو ڳڻتي جوڳي آهي پر ان سان عدليه جي وقار تي به سوال اٿيا آهن پر ان ۾ جيترو ڪردار قاضي فائز جو آهي اوترو جسٽس سرفراز ڊوگر جو ناهي. اهو معاملو 6 ججن جي خط کان شروع ٿيو هو. ڌار گڏجاڻي ڪندڙ ججن ضرور ڪا حڪمت عملي طئي ڪئي هوندي ۽ ڪو رد عمل ايندو، مونجهاري کي ختم به ٿيڻ گهرجي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز ، خميس 04 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.