حيدرآباد/سکر(رپورٽر) سنڌو درياهه ۾ وڏي ٻوڏ ۽ نقصان جي خطري سبب حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا سنڌو درياهه جي ڪپن لڳ رھندڙ رھواسين کي گھر ۽ علائقا خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي حڪم تي لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن قاسم آباد، سحرش نگر، لطيف آباد نمبر 4، 5، 10 ۽ ٻين علائقن ۾ سنڌو درياهه جي بندن ويجھو موجود آبادين ۽ رھواسين کي لائوڊ اسپيڪرن ذريعي اطلاع ۽ وارننگ ڏيندي علائقا ۽ گھر خالي ڪري امدادي ڪيمپن ۽ محفوظ ھنڌن تي منتقل ٿيڻ لاءِ ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، اسسٽنٽ ڪمشنرن پاران لائوڊ اسپيڪرن ذريعي جاري ڪيل ھدايتن موجب پاڻي جو وڏو ريلو پيو اچي، گهر خالي ڪري وڃو، پڙهو ڏنو ويو ته پنهنجا گهر خالي ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيو، جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ نقصان کان بچي سگهو. ۔ سنڌ پرووينشل رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي سيل جي فوڪل پرسن زبير چنا بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سکر ۾ ريسڪيو ٽيم ڪارروائي ڪندي ڳوٺ حاجي فقير محمد جتوئي مان 21 ماڻهون محفوظ هنڌ منتقل ڪيا، جن ۾ 14 مرد، هڪ عورت ۽ 6 ٻار شامل آهن. اهڙي طرح ڳوٺ وڏيرو امام بخش جتوئي مان 34 ماڻهون ڳوٺ مراد بچل شاهه منتقل ڪيا ويا، جن ۾ 5 مرد، 7 عورتون، 8 بالغ ۽ 14 ٻار شامل آهن۔ زبير چنا وڌيڪ ٻڌايو ته تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ مائي اوٺو ۾ به ريسڪيو عملي بروقت ڪارروائي ڪندي متاثر خاندانن کي باحفاظت محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو آهي۔ سنڌ پرووينشل رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي سيل جي فوڪل پرسن زبير چنا يقين ڏياريندي چيو ته پوري صوبي ۾ ريسڪيو ٽيمون هاءِ الرٽ تي آهن ۽ هر اطلاع تي فوري ڪارروائي ڪئي پئي وڃي۔