ملڪ رياض سوڌو 10روپوش جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي(رپورٽر) احتساب عدالت  ۾ 17هزار 5 سو ايڪڙ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي ، عدالت پاران بحريا ٽائون جي مالڪ  ملڪ رياض، زين ملڪ ۽ علي رياض سميت 10 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون، عدالت چيو ته ملڪ رياض سميت روپوش جوابدارن خلاف سيڪشن 87 ۽ 88 تحت ڪارروائي شروع ڪئي وڃي، ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل ستار اعواڻ جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ درخواست  داخل ڪري ڇڏي، پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته ڪيس ۾ نامزد سڀني جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، صوبائي وزير جي وڪيل راج وحيد علي چيو ته اسان ٻڌڻي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ کان اسٽي آرڊر حاصل ڪيو آهي، صوبائي وزير جي وڪيل درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي، منهنجي موئڪل جو نالو اي سي ايل ۾ ڪيئن شامل ڪري سگهجي ٿو؟ نيب جي درخواست تي عدالت جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ملڪ رياض، زين ملڪ ۽ علي رياض سميت 10 روپوش  جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت حڪم ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري 7 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران ايس بي سي اي جو اڳوڻو سربراھ منظور قادر ڪاڪا، جاويد حنيف، آغا قاسم عباس، سهيل ميمڻ ۽ 16 ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، ياد رهي ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاھ سميت چئن جوابدارن هاءِ ڪورٽ کان اسٽي آرڊر حاصل ڪيو آهي، جوابدارن تي سپر هاءِ وي ويجهو 17هزار 5 سئو ايڪڙ زمين غير قانوني طور تي الاٽ ڪرڻ جو الزام آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.