خواجا آصف پنجاب ۽ مرڪزي سرڪار خلاف ڳالهايو:حنيف عباسي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته منهنجو خواجا آصف سان ڪو ذاتي اختلاف ناهي، حڪومتيبئنچن تي ويهي پنهنجي حڪومت سان ڪي شڪايتون ميارون ڏيندو ته منهنجو جواب ساڳيو ئي هوندو جيڪو مون ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڏنو،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته توهان سڀني کان وڏي دشمن کي جنگ ۾ شڪست ڏني آهي ان کي انجواءِ ڪريو،خواجا آصف سان ڳالهه ٻولهه بند آهي،ڪالهوڪي تقرير جو ان واقعي سان تعلق ناهي،خواجا آصف جي ڳالهين سان پنجاب حڪومت ۽ وزيراعظم ڊس ڪريڊٽ ٿين ٿا،مون ڪڏهن به ڪنهن ٺيڪيدار خلاف ناهي ڳالهايو،زيڊ ڪي بي ڪمپني اسلام آباد ،لاهور ۽ راولپنڊي ۾ ٺيڪا کنيا ان جي ڪم ۾ نقص نظر نه آيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.