ٻوڏ جي تباهڪارين سبب غذائي بحران جو خدشو

ڪوئيٽا (بيورو) ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين سبب بلوچستان خوراڪ جي بحران جي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي، پنجاب کان اٽي ۽  ڪڻڪ جي فراهمي معطل ٿيڻ ڪري صوبائي ذخيرن ۾ شديد گهٽتائي اچي وئي ۽ اٽو مارڪيٽ مان غائب ٿيڻ لڳو آهي، چمن ۾ 100 ڪلو اٽي جي ٻوري، جيڪا اڳ 7 هزار رپين ۾ موجود هئي، هاڻ 4 هزار رپين جي واڌ سان 11 هزار رپين تائين پهچي وئي آهي، چمن ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر موجب پنجاب حڪومت طرفان بلوچستان لاءِ اٽي ۽ ڪڻڪ جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي، ٻوڏ جي تباهڪارين ۽ روڊن کي سخت نقصان سبب فراهمي گهٽجي وئي آهي، جنهن سان گهرج ۽ فراهمي ۾ توازن نه رهيو آهي ۽ اٽي جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، گذريل 20 ڏينهن دوران اٽي جي قيمت 7 هزار رپين مان وڌي 11 هزار رپين تائين پهچي وئي آهي، جنهن سبب عوام ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.