ڪراچي: نوجوان اسڪول جي اٺين ماڙ تان ٽپو ڏئي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ صدر جي علائقي ۾ هڪ نجي اسڪول ۾ واقعو پيش آيو جتي نوجوان عثمان اٺين منزل تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي، پوليس موجب واقعو برگيڊ ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو، عثمان جي ڀاءُ جي فرياد تي اسڪول جي ٽن ملازمن خلاف قتل جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪيو ويو، اطلاعن موجب عثمان خودڪشي کان اڳ سوشل ميڊيا تي آخري پيغام لکيو، جنهن ۾ هن اسڪول انتظاميه کي پنهنجي موت جو ذميوار قرار ڏنو، نوجوان عثمان پنهنجي نوٽ ۾ چيو ته عرفان، حسن ۽ طلحه ذهني اذيت ڏني، جنهن سبب هو اهڙو قدم کڻي رهيو آهي، پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.