ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ بدانتظامي ۽ نااهلي عروج تي پهچي وئي، جتي مريضن کان حال پڇڻ وارو ڪير به ناهي، شهر ۾ مڇرن جي واڌ سبب ڊينگي مريضن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن بعد ڪيترائي مريض جناح اسپتال ريفر ٿيڻ لڳا آهن، پر هتي علاج جا مناسب انتظام موجود ناهن، صحافين ۽ مريضن جا الزام آهن ته ايمرجنسي وارڊ ۾ مريضن جي مناسب سنڀال نه ٿي رهي آهي، گندگي سبب مريضن جي حالت وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي، اسپتال جي وارڊن ۾ سهولتون ناڪافي آهن، جڏهن ته مريضن ۽ سندن ساٿين کي به پريشان ڪيو پيو وڃي، شهرين وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جيئن پهريان جي پي ايم سي وفاقي انتظام هيٺ هئي، اهڙي ريت ان کي ٻيهر وفاق جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن ادارو تباهي کان بچي سگهي، مريضن جي وارثن ۽ ساٿين جو چوڻ آهي ته ايمرجنسي ۾ مريض ڪلاڪن تائين بنا علاج جي پيل هوندا آهن، ڊاڪٽر موجود هجڻ باوجود چيڪ ڪرڻ نٿا اچن، جڏهن ته سينيئر ڊاڪٽر مريضن جو معائنو ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا ۽ اهم ڪيسز جونئير ڊاڪٽرن حوالي ڪيا وڃن ٿا، جنهن سبب ڪيترن ئي مريضن جي حالتون وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهي، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته جناح اسپتال جو قبلو درست ڪيو وڃي ۽ مريضن کي بهتر سهولتون مهيا ڪيون وڃن.