افغانين کي پاڪستان مان زبردستي ڪڍڻ تي افسوس آهي: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته افغانستان کي پاڪستان مان زبردستي ڪڍڻ تي مون کي افسوس ۽ سخت خدشا آهن.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته افغانستان ۾ زلزلي سان ٿيندڙ جاني نقصان تي وڏي تڪليف پهتي آهي، اسان هن ڏک جي گهڙي ۾ افغان ڀائرن سان گڏ بيٺا آهيون.
هن چيو ته مان پاڪستانين کي اپيل ٿو ڪيان ته ٻوڏ متاثرن جي وڌ کان وڌ مدد ڪن، تحريڪ انصاف به بنا فرق جي پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
سندس چوڻ هو ته مان سدائين موسمياتي تبديلين ۽ ان سان ٿيندڙ نقصان جي حوالي سان شعور اجاڳر ڪندو رهيو آهيان، اسان ماحولياتي تباهي کان بچڻ لاءِ حڪومت ۾ اچي بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.