ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻوڏ جي تباهي جا اثر ڪراچي جي بازارن تائين پهچڻ شروع ٿي ويا ۽ سبزين جي اگهن ۾ وڏي واڌ ٿي وئي آهي.
سبزين جي قيمت ۾ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، 60 رپيا ڪلو ملندڙ ٽماٽا 200 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويا آهن، توريون ۽ ميها به 2 کان 3 سئو رپين ۾ ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن.
ڪراچي واسي ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريدڻ تي به مجبور آهن، 20 ڪلو اٽي جي ٻوري 2 هزار 100 رپين جي ٿي وئي آهي.
You might also like