اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان افغانستان جي زلزلي متاثرن لاءِ 105 ٽن امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته افغان پرڏيهي وزير متقي سان منهنجي ٽيليفونڪ گفتگو کانپوءِ اڄ حڪومت افغانستان لاءِ 105 ٽن امدادي شيون روانيون ڪيون آهن.
هن ٻڌايو ته ان امدادي سامان ۾ کاڌي پيتي جون شيون، دوائون، خيما، ڪمبل ۽ گدا شامل آهن.
You might also like