صائمه جي کليل وارن ” فلاپ“ ڪري ڇڏيو، هوءَ “گهونگٽ“ شوٽنگ دوران ئي وڻي وئي هئي: سيد نور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فلمساز سيد نور هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته زال، اداڪارا صائمه کي نوازڻ ۽ هر فلم ۾ کيس هيروئن طور ڪاسٽ ڪرڻ جا الزام غلط آهن، هو ته فلم ”گھونگھٽ“ دوران مٿس فدا ٿيو هو.
سيد نور تازو احمد علي بٽ جي پوڊڪاسٽ ۾ شريڪ ٿيو، جتي هن پنهنجي فلمي سفر ۽ ذاتي زندگيءَ بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
هن چيو ته صائمه کي وقت کان اڳ وڏي عمر واري عورت جا ڪردار ڏنا ويا، کيس مرحوم سلطان راهي جي هيروئن بڻايو ويو.
سندس چوڻ هو ته صائمه جي عمر ايڏي نه هئي، پر ميڪ اپ ذريعي کيس وڏي عمر واري ڏيکاريو ويندو هو ۽ پنجابي فلمن ۾ سلطان راهي جي سامهون ڪاسٽ ڪيو ويندو هو.
فلمساز ٻڌايو ته جڏهن هن 1997 ۾ ”گھونگھٽ“ فلم ٺاهي، تڏهن صائمه ۽ شان ٻئي فلاپ هئا، پر هن رسڪ کڻي ٻنهي کي ڪاسٽ ڪيو.
سيد نور انڪشاف ڪيو ته گھونگھٽ ۾ شان جي ڪردار لاءِ پهرين نعمان اعجاز کي ۽ صائمه جي ڪردار لاءِ نيليءَ کي چونڊيو ويو هو، پر ٻنهي جي نه اچڻ بعد هن شان ۽ صائمه کي ڪاسٽ ڪيو.
هن اعتراف ڪيو ته فلم دوران ئي هو صائمه سان پيار ۾ پئجي ويو، شروع ۾ فلرٽ ڪندو رهيو پر پوءِ سچ ۾ محبت ٿي وئي.
فلمساز جو چوڻ هو ته اتفاق سان گھونگھٽ ڪامياب ٿي ۽ ان کان پوءِ ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو، پر گهڻين ۾ صائمه کي هيروئن نه پر ننڍا ڪردار ڏنا.
هن وضاحت ڪئي ته صائمه کي ڪڏهن به ريشم، ريما خان، جانان ملڪ ۽ جيا علي جي مقابلي ۾ هيروئن نه رکيو، تنهنڪري صائمه کي نوازڻ جا الزام بي بنياد آهن.
سيد نور ٻڌايو ته ڪيترن ورهين بعد صائمه کي پنجابي فلم ”چوڙيان“۾ هيروئن طور ڪاسٽ ڪيو ۽ پوءِ ڪجهه ٻيون پنجابي فلمون ڪيون، ڇو ته انهن ڪردارن سان رڳو صائمه ئي نڀائي سگهي ٿي.
هن زال جي خوبصورتي جا به گهڻا ڳڻ ڳايا ۽ چيو ته جڏهن صائمه کليل وارن وارا ڪردار ڏيڻ شروع ڪيا ته هوءَ ڏسي پاڻ “فلاپ” ٿي ويو ۽ کيس پيار ٿي ويو.
سيد نور جو وڌيڪ چوڻ هو ته صائمه کي بار بار هيروئن ڪاسٽ ڪرڻ جا الزام غلط آهن، هن کيس رڳو اُهي ڪردار ڏنا جن ۾ هوءَ ” فٽ“لڳندي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.