بنگلاديش ٺهڻ بعد پاڪستاني انڊسٽري تباهه ٿي وئي: نديم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر فلم اسٽار نديم جو چوڻ آهي ته پاڪستان جا ٻه ٽڪرا ٿيڻ ۽ بنگلاديش جي ڌار ٿيڻ سان به پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ کي وڏو نقصان رسيو، جڏهن ته مهانگيون ٽڪيٽون به انڊسٽري جي تباهي جو ڪارڻ بڻيون.
ويجهڙ ۾ نديم هڪ انٽرويو ۾ پاڪستاني فلم انڊسٽري جي زوال جي سببن تي تفصيلي روشني وڌي
اداڪار چيو ته فلم انڊسٽري جي زوال ڪا ڪيترائي ڪارڻ آهن، جن ۾ پاڪستان جو ٽٽڻ ۽ بنگلاديش جو الڳ ٿيڻ به شامل آهي.
سندس چوڻ هو ته بنگلاديش جي ڌار ٿيڻ سان اڌ کان وڌيڪ سئنما ختم ٿي وئي، انڊسٽري زوال جو شڪار ٿي، ڪم وارا ماڻهو گهٽجي ويا ۽ ٻيا مسئلا ڪر کڻڻ لڳا.
هن چيو ته بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ سئنمائون گهٽجي ويون ۽ فلم ٽڪيٽ مهانگيون ٿيڻ لڳيون، جنهن سبب انڊسٽري تباهه ٿي.
اداڪار موجب، اڳ ۾ عام طور پورهيت، ڏهاڙي وارا ۽ ننڍا ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو پنهنجي ٻارن سميت سئنما ايندا هئا، ڇوته ٽڪيٽون سستيون هونديون هيون.
هاڻي فلم ٽڪيٽن جون قيمتون هزارين رپيا ٿي ويون آهن، جنهن سبب ماڻهن سئنما وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي.
نديم جو چوڻ هو ته هاڻي نج ماڻهو فلمون ڏسڻ چاهيندا آهن پر ٽڪيٽ مهانگي هئڻ سبب ارادو بدلائي ڇڏيندا آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ اداڪارن لاءِ خاص ڪردار لکڻ ۽ ٺاهڻ جو رواج ناهي رهيو ۽ هاڻي اهڙو ماحول به نه رهيو آهي.
اداڪار موجب، صرف ڪردار لکڻ ۽ ٺاهڻ ڪافي ناهي، انهن کي اسڪرين تي پيش ڪرڻ ۽ فلم ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ به ماڻهو گهربل آهن، جيڪي هاڻي ناهن، تنهنڪري فلمون نه ٺهي رهيون آهن.
نديم اهو به انڪشاف ڪيو ته هو اڃا به فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، سندس ٻه فلمون مڪمل ٿيڻ واري مرحلي ۾ آهن، پر ان بابت وڌيڪ تفصيل نه ڏنا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.