ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عيد ميلادالنبي صه تي ٻه ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جمعي 5 ۽ ڇنڇر 6 سيپٽمبر تي سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ عام موڪل هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ 5 ۽ 6 سيپٽمبر تي تعليمي ادارا ۽ آفيسون بند رهنديون.