لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ 5 سيپٽمبر تائين برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
پي ڊي ايم اي پنجاب موجب، صوبي ۾ 5 سيپٽمبر تائين برساتون ٿينديون، جنهن سبب ٻوڏ واري صورتحال ۾ وڌيڪ شدت جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي موجب، چناب درياهه ۾ مرالا هيڊ ورڪس وٽ پاڻي جي سطح 4 لک 68 هزار ڪيوسڪ، خانڪي هيڊ ورڪس وٽ 339470 ڪيوسڪ، قادرآباد هيڊ ورڪس تي 232450 ڪيوسڪ جڏهن ته چنيوٽ پل تي 108343 ڪيوسڪ آهي.