اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت پاڪستان کي ستلج درياهه ۾ مٿاهين درجي جي ٻوڏ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي هاءِ ڪميشن طرفان توئي ۽ ستلج درياهن ۾ مٿاهين درجي جي ٻوڏ بابت پاڪستان کي اطلاع ڏنو ويو آهي.
آبپاشي کاتي موجب، ڀارتي هاءِ ڪميشن الرٽ جاري ڪيو آهي ته توئي درياهه ۾ ڄمون وارن علائقن مان مٿاهين درجي جي ٻوڏ اچي سگهي ٿي.
آبپاشي کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ستلج درياهه ۾ هريڪي ۽ فيروزپور وٽ به مٿاهين درجي جي ٻوڏ متوقع آهي.
You might also like