”ادارا ٺاهڻ ۾ ڏهاڪا لڳن ٿا پر انهن کي تباهه ڪرڻ ۾ وقت نه ٿو لڳي“ : جسٽس بابر ستار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار اڱاري ڏينهن مقرر ٿيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس سرفراز ڊوگر کي خط لکي عدليا جي حوالي سان ڪيترائي اهم سوال اٿاريا آهن ۽ ان خط هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.
جسٽس بابر ستار خط ۾ ڪيئي سوال اُٿاريا آهن جنهن ڪجهه هن ريت آهن ته ڇا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا جج سمجهن ٿا ته هو پنهنجي آئيني ذميواريون پوريون ڪري رهيا آهن؟
ڇا ججن کي پڪ آهي ته شهري کين پنهنجن بنيادي حقن جو محافظ سمجهن ٿا؟ ڇا هاءِ ڪورٽ ضلعي عدليا کي آزاد ادارو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟
هن خط لکيو ته ”ادارا ٺاهڻ ۾ ڏهاڪا لڳن ٿا پر انهن کي تباهه ڪرڻ ۾ وقت نه ٿو لڳي.“
جسٽس بابر ستار طرفان چيف جسٽس جي نالي لکيل خط جون ڪاپيون سمورن ججن ۽ رجسٽرار ڏانهن به اُماڻيون ويون آهن.
واضح رهي ته نئون عدالتي سال 2 سيپٽمبر کان شروع ٿيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ چيف جسٽس سرفراز ڊوگر 3 سيپٽمبر تي فل ڪورٽ اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ سڀني ججن کي شرڪت لاءِ نوٽيس موڪليا ويا آهن.
جسٽس بابر ستار پنهنجي خط ۾ روسٽر جي تياري ۽ ڪيسز فڪس ڪرڻ ۾ شفافيت جي کوٽ تي به سوال اٿاريا آهن.
هن لکيو آهي ته ڪيسز ۾ سينيئر ججن کي نظرانداز ڪري بدلي ۽ ايڊيشلن ججن کي فائلون ڏنيون وڃن ٿيون، جڏهن ته انتظامي اختيار استعمال ڪندي ڪڏهن ڪڏهن اهڙو رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ڄڻ ته ججز ”بادشاهه“ هجن.
هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڪيسز ۾ ڪاز لسٽ ئي جاري نه ڪئي وئي جنهن سان عدليا جي آزادي متاثر ٿي رهي آهي.
خط ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي ته کيس ۽ ٻين کي سنگل بئنچز کان محروم ڪيو ويو، سينيئر ججن کي انتظامي ڪميٽي مان ٻاهر رکيو ويو ۽ ايڊيشلن ججن کي شامل ڪيو ويو، جڏهن ته ججن جي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ اين او سي لازمي قرار ڏنو ويو، ڄڻ ته کين اي سي ايل تي رکيو ويو هجي.
ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي مقرري تي اڳ ئي اختلاف موجود آهن.
ان مقرري خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون ڏنيون هيون، جيڪي رد ٿي ويون، جڏهن ته نظرثاني جون اپيلون اڃا تائين سپريم ڪورٽ ۾ زيرالتوا آهن.
جسٽس سرفراز ڊوگر جي مقرري خلاف جن ججن درخواستون ڏنيون هيون انهن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس اعجاز اسحاق خان ۽ جسٽس ثمن رفعت شامل آهن.
ان کان اڳ به ڪجهه اهم ڪيسز جهڙوڪ توهينِ مذهب جا ڪيس ۽ ڊاڪٽر عافيه صديقي بابت نوٽيسز ٻين بئنچز ڏانهن منتقل ڪيا ويا هئا.
ان کانسواءِ جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس اعجاز اسحاق جي عدالتن مان به ڪيسز منتقل ڪري ٻنهي کي ٽيڪس سان لاڳاپيل ڪيسز لاءِ ڊويزن بئنچ تي مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.