سنڌ ڪنهن به صورت ۾ ڪالا باغ ڊيم قبول نه ڪندي: نثار کهڙو

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ڪالا باغ ڊيم بابت بيان تي ردعمل ڏنو آهي. جاري ڪيل بيان نثار کهڙي چيو ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ ڪالا باغ ڊيم قبول نه ڪندي، علي امين گنڊاپور کي سياست سکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا اُهي صوبا آهن، جيڪي اڳ ئي ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪري چڪا آهن.پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جي اسيمبلي ڪالا باغ ڊيم جي خلاف ٺهراءُ منظور ڪري چڪي آهي، شايد ان وقت علي امين سياست ۾ به نه هو. نثار کهڙي چيو ته علي امين گنڊاپور ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ۾ ڳالهائي ايوان جي توهين ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ ڪالا باغ ڊيم قبول نه ڪندي، ڇو ته اهو منصوبو سنڌ کي بنجر ۽ بُک مارڻ جو منصوبو آهي، ڀاشا ڊيم لاءِ قرض ورتو ويو، پر اڃا تائين اهو ڊيم ڇو ناهي ٺهيو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.