ٺٽو(ڊ ر) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي تہ پنجاب ۾ آيل ٻوڏ جو بھانو ڪري مئل گھوڙي ڪالاباغ ڊيم جو راڳ آلاپيندڙ پنھنجي سنڌ دشمن بيانن وسيلي نہ صرف سنڌ پر پاڪستان کي بہ نقصان پھچائڻ جي ڳالھ ڪري رھيا آھن، جنھن جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آھي. ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو تہ خواجہ آصف، مصدق ملڪ ۽ ھاڻي پي ٽي آئي جو وڏو وزير پنھنجي ڪرسي پڪي ڪرڻ لاءِ ھڪ رد ٿيل ملڪ دشمن رٿا ڪالاباغ ڊيم پراجيڪٽ جي حمايت ۾ ڳالھائي رھيا آھن. پي ٽي آئي کي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ھوندي ٻئي ڪنھن دشمن جي لڳي ٿو ھاڻي ڪا ضرورت ئي ناھي، ھن چيو تہ دنيا ۾ وڏن ڊيمن قدرتي آفتن سان گڏ پاڻ بہ وڏا نقصان پھچايا آھن. ان ڪري ئي وڏن ڊيمن کي نقصاندہ قرار ڏيندي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڊيمن کي ڊاھي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ھتي جيڪو ڊيم صرف ڪجھ ضلعن ۾ مخصوص زمينون آباد ڪري ان کي ئي ٽن صوبن جي قرباني سان ٺاھڻ نہ پھرين منظور ھو نہ ئي ھاڻي آھي، سنڌ جي عوام ان کي ھر دور ۾ رد ڪيو آھي