حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ فطري ضرورت آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نہ ڇڏڻ ۽ سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن. ڊيلٽا تباھ ٿي رھيو آھي. ساحلي پٽي جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي. درياھ سمنڊ کي پوئتي ڌڪي ٿو. وفاق ۽ پنجاب پنھنجي ناڪامي، نااھلي ۽ ڪرپشن لاءِ سنڌ دشمن ملڪ دشمن منصوبي ڪالاباغ ڊيم ۽ ڪئنالن جي مھم ھلائي رھيا آھن. علي امين گنڊا پور ۽ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري سنڌو درياھ تي حملي آور نہ ٿين. ملڪ جون 3 اسيمبليون ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري چڪيون آھن،هن چيو تہ سنڌو درياھ جي اندر لڳل زمينداري کي فوري طور ھٽائي وھڪرن جي رستا روڪ ڪري درياھن کي قيد نہ ڪيو وڃي. هن چيو ته ارسا وٽ ڪوڙو رڪارڊ آھي. ٻوڏ وارن ڏينھن کانسواءِ سڄو سال ڪوٽڙي کان ھيٺ سنڌو درياھ ۾ واري پئي اڏامندي آھي. ان باوجود ارسا، واپڊا ۽ وفاقي حڪمران ڪوڙا انگ اکر جاري ڪري سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ جون دعوائون ڪندا آھن.