حڪمران نااهلي لڪائڻ لاءِ ڊيمن جي مهم پيا هلائن:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نور نبي پليجو ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته حڪمران پنهنجي نااهليءَ، ڪرپشن ۽ قبضن کي لڪائڻ لاءِ ڊيمن جي حمايت ۾ مهم هلائي رهيا آهن. دريائي وهڪرن تي قبضن پنجاب ۾ موجوده تباهي آندي آهي. اڳواڻن چيو ته پنجاب سرڪار طرفان ڊيمن جي حمايت جي مهم ڪوڙ ۽ فراڊ تي ٻڌل آهي، ڪو به ماحولياتي ۽ پاڻي ماهر ڊيمن جي حمايت نٿو ڪري، سائنسي طور ڊيم عوام دشمن آهن پر پنجاب سرڪار ڊيم مافيا جي مفادن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڊيمن جي حمايت ۾ مهم هلائي ملڪ دشمني ڪري رهي آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سمنڊ ۾ پاڻي ضايع ٿيڻ جون خبرون عوام کي ڌوکي ۾ رکڻ جي سازش آهن، علي امين گنڊاپور طرفان ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ ڏنل بيان جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته علي امين گنڊاپور تڪراري بيان ڏئي ملڪ دشمن قوتن جي ترجماني ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.