اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي قومي اسيمبلي ۾ وزير دفاع خواجه آصف کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو۔تفصيل موجب، قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو۔ اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي حنيف عباسي چيو ته بيوروڪريسي کي گهٽ وڌ چوڻ جو وڏو شوق پيدا ٿي ويو آهي، پنهنجي شهرت لاءِ پنهنجي ئي ايوان تي الزام تراشي ڪئي پئي وڃي،حنيف عباسي وڌيڪ چيو ته نظام کي هائبرڊ نظام چيو پيو وڃي، پر جيڪو ان نظام جو حصو آهي، اهو ساڳي نظام کي ويهي بدنام ڪري ٿو، جيڪڏهن اهڙو ئي ڪجهه ڪرڻو آهي ته حڪومت ڇڏي ڏيو، ڇو ته حڪومت ۾ ويهي اپوزيشن واريون ڳالهيون ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي۔هن چيو ته ڪهڙي ڪنٽريڪٽر جي جرئت آهي جو راولپنڊي ۾ غير معياري ڪم ڪري ادائگي وٺي؟ جيڪڏهن منهنجي ضلعي ۾ ڪو ڪم غلط ٿيو آهي ته مان ان جو ذميوار ڇو نه آهيان؟ اسان وڏيون وڏيون پليون ۽ اسپتالون ٺاهيون، پر ڪنٽريڪٽرن تي الزام نه هنيو،حنيف عباسي چيو ته مان ڪڏهن به اهو نه چوندس ته راولپنڊي ۾ انڪروچمينٽ آهي پر مان ذميوار ناهيان۔ ڪيئن ممڪن آهي ته راولپنڊي جو اسپتال خراب هجي، ٽرانسپورٽ صحيح نه هجي، تعليمي ادارا ڪمزور هجن ۽ مان هتي اچي صرف شڪايتون ڪريان؟ ڇو ته جيڪڏهن سڄو ڏينهن اهوئي ڪرڻو آهي ته حڪومت ۾ ڇو ويٺا آهيو، اپوزيشن ۾ هليا وڃو حنيف عباسي چيو ته حقيقت اها آهي ته هر ڪنهن کي وائرل ٿيڻ جو شوق آهي، پر ياد رکڻ گهرجي ته ٻيون به ڪيترائي معاملا آهن، الله کان ڊڄڻ گهرجي، ڪٿي اهي شيون به وائرل نه ٿي وڃن۔ هن چيو ته پنهنجي اڌو ڪلو گوشت لاءِ پوريءَ مينهن کي ذبح ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي۔”