سنڌ حڪومت جي” ممتا پروگرام “ تحت ڳورهاري عورتن کي 30 بدران 41 هزار امداد ملندي، حاصل ڪرڻ جو طريقو ڄاڻيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ 7 ضلعن کي به ”ممتا پروگرام“ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جن ۾ لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور، ڄامشورو، دادو، نوشهرو فيروز ۽ شهيد بينظير آباد شامل آهن.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جو اجلاس ٿيو.
ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان سوشل پروٽيڪشن ڊليوري سسٽم جي شروعات ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته سوشل پروٽيڪشن پروگرام 48.3 ارب رپين جو آهي، جنهن مان سنڌ حڪومت 6.3 ارب رپيا ادا ڪري رهي آهي.
مراد علي شاهه موجب، ڊليوري سسٽم جنوري 2023 ۾ شروع ٿيو ۽ 2027 ۾ مڪمل ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جو ”ممتا پروگرام“ 15 ضلعن ۾ جاري آهي، جنهن مان 7 لک 70 هزار عورتون لاڀ حاصل ڪري رهيون آهن.
هن ٻڌايو ته 800 اسپتالن ۽ ڊسپينسريز ۾ عورتن جي علاج لاءِ سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته رجسٽرڊ عورتن کي ٽن سالن ۾ 30 هزار رپيا روڪ امداد ڏني ويندي آهي.
ممتا پروگرام تحت هاڻي تائين 5.2 ارب رپيا عورتن کي بينڪن ذريعي ڏنا ويا آهن.
وڏي وزير موجب، پروگرام مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ عورت جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 سال هئڻ، نادرا جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ لاڳاپيل ضلعي جي رهواسڻ ضروري آهي.
اجلاس دوران وڌيڪ 7 ضلعن کي به ”ممتا پروگرام“ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جن ۾ لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور، ڄامشورو، دادو، نوشهرو فيروز ۽ شهيد بينظير آباد شامل آهن.
اهڙي ريت هاڻي پروگرام ۾ ضلعن جي مجموعي انگ وڌي 22 ٿي وئي آهي.
ان کانسواءِ وڏي وزير هدايت ڪئي ته عورتن لاءِ روڪ امداد 30 هزار مان وڌائي 41 هزار رپيا ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.