شارجا (ويب ڊيسڪ) يو اي اي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان محمد وسيم ڀارت جي اڳوڻي ٽي ٽوئنٽي ڪپتان روهت شرما جو اهم رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو .
محمد وسيم شارجا ڪرڪٽ اسٽيڊيم ۾ افغانستان خلاف ٽي ملڪي سيريز جي ميچ دوران ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ڪپتان طور سان سڀ کان وڌيڪ ڇڪ هڻڻ جو اعزاز ماڻي ورتو.
وسيم 37 بالن تي 67 رنسن جي تيز اننگز کيڏي، جنهن ۾ 6 ڇڪا ۽ 4 چوڪا شامل هئا.
اهڙي ڪارڪردگي سان وسيم رڳو 54 ٽي ٽوئنٽي اننگز ۾ 110 ڇڪا هنيا، جڏهن ته روهت شرما ڪپتان جي حيثيت سان 62 اننگز ۾ 105 ڀيرا بال بائونڊري لائين پار پهچايو هو.
محمد وسيم ان اننگز ذريعي نيوزيلينڊ جي اڳوڻي اوپنر مارٽن گپٽل کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هاڻي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽرن جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪن جو عالمي رڪارڊ اڃا به روهت شرما وٽ آهي، جنهن 159 ميچز ۾ 205 ڇڪا هنيا، جڏهن ته محمد وسيم 80 ميچن ۾ 176 ڇڪا هڻي چڪو آهي.
ياد رهي ته محمد وسيم جي شاندار بيٽنگ جي باوجود يو اي اي ٽيم 189 رنز جو هدف پورو نه ڪري سگهي ۽ مقرر اوورن ۾ 150 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
You might also like