ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف آبي دهشتگردي جي منصوبي بابت اڳوڻي ڀارتي جنرل جي وڊيو تي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو ردعمل سامهون آيو آهي.
سوشل ميڊيا تي سينيئر صحافي ۽ اينڪر حامد مير اها وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڀارتي فوج جو ريٽائرڊ ليفٽننٽ جنرل ڪنول جِيت سنگهه ڍلون پاڪستان خلاف پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو منصوبو ٻڌائي رهيو آهي.
وڊيو ۾ جنرل ڍلون اعتراف ڪيو ته ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪندي پاڪستان ۾ اوچتو وڏي پئماني تي ٻوڏ آڻي سگهي ٿو،
هن چيو ته ”اسان وٽ جيترو پاڻي روڪڻ جي صلاحيت آهي، اها استعمال ڪنداسين ۽ اوچتو پاڻي ڇڏينداسين، جنهن سان پاڪستان تباهه ٿي سگهي ٿو.“
ان ڏس ۾ شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته پاڻي زندگي جو سرچشمو آهي، ان کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ يا اهڙي سوچ رکڻ به غير انساني ۽ انتهاپسنداڻو رويو آهي.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته موسمياتي جي تبديليءَ جا اثر هر سال وڌيڪ تباهي آڻي رهيا آهن، وقت اچي ويو آهي ته اقتداري ڌريون سياسي اختلاف کان مٿي ٿي قومي مفاد ۾ گڏيل فيصلا ڪن.
شاهد آفريدي ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته ڊيمن جي اڏاوت، پاڻي جي بچاءَ ۽ ماحولياتي استحڪام لاءِ ترت ۽ جوڳا قدم کڻڻ ضروري آهن، ٻي صورت ۾ ايندڙ سالن ۾ شيون هٿن مان نڪري وينديون.