ٽاروبا (ويب ڊيسڪ) ڪيرن پولارڊ ڪيريبين پريميئر ليگ (سي پي ايل) ۾ ڌماڪيدار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 8 بالن تي 7 ڇڪا هڻي ڪرڪيٽ شوقينن کي دنگ ڪري ڇڏيو.
ويسٽ انڊيز ۾ جاري سي پي ايل ۾ ٽرينيباگو نائٽ رائيڊرز ۽ سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس پيٽرئيٽس وچ ۾ ٿيل ميچ دوران پولارڊ جي جارحاڻي بيٽنگ سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو.
ٽرينيباگو نائٽ رائيڊرز جي نمائندگي ڪندي پولارڊ 15هين اوور ۾ اسپنر ناوين بيدائسي جي ٻه بالن تي لڳاتار ٻه ڇڪا هنيا، جڏهن ته اوور جي آخري بال تي به بال بائونڊري لائين پار پهچائي ڇڏيو.
ان کانپوءِ 16هين اوور ۾ اسپنر وقار سليمان خيل خلاف پولارڊ شاندار انداز ۾ چئن بالن تي لاڳيتو چار ڇڪا هنيا ۽ ميدان ۾ چوڌاري پولارڊ جو نالو گونجڻ لڳو.
پولارڊ مجموعي طور 29 بالن تي 65 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي، جنهن ۾ 8 بالن تي 7 ڇڪا پڻ شامل هئا .
”شينهن ڪيڏو به پوڙهو ٿي وڃي، پر شڪار ڪرڻ ناهي وساريندو“ پولارڊ سِي پِي ايل ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو
You might also like