بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ چين پاڪستان جي مڪمل حمايت ڪندو.
شنگھائي سهڪار تنظيم (ايس سِي او) جي سربراهي ڪائونسل جي 25 هين اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف بلٽ ٽرين ذريعي تيانجن کان بيجنگ پهتو.
ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احسن اقبال، عطا الله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي پڻ موجود هئا.
وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ خطاب ڪندي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ ٿيل دهشتگرد حملن ۾ پرڏيهي هٿ ملوث هئڻ جا ثبوت پيش ڪيا ۽ معاملو ايس سي او ۾ کڻي آيو.
چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ ترسڻ دوران وزيراعظم فاشزم خلاف عالمي جنگ جي 80هين سالگرهه جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو.
چيني سرڪاري ميڊيا موجب، وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيني صدر شي جن پنگ جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا.
شي جن پنگ ان موقعي تي چيو ته چين هر وک تي پاڪستان سان گڏ بيٺو آهي، اميد آهي ته پاڪستان چين جي عملي، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻندو.
ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف چين کي دعوت ڏني ته هو ڏکڻ ايشيا ۾ جامع ڳالهين جي نگراني ڪري ته جيئن علائقائي سهڪار مان جلد لاڀ حاصل ڪري سگهجي.
دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي حمايت ڪيون ٿا، اسلام آباد به چيني منصوبن ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کڻي:شي جنگ پنگ
Next Post
You might also like