برسلز (ويب ڊيسڪ) فرانس، برطانيه، آسٽريليا ۽ ڪينيڊا کان پوءِ هاڻي بيلجيم به فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
بيلجيم جي پرڏيهي وزير ميڪسم پرائٽ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هو فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو باضابطا اعلان هلندڙ مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪندو، گڏوگڏ اسرائيل تي سخت پابنديون لاڳو ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.
بيان موجب، اسرائيل خلاف قومي سطح تي 12 سخت پابنديون لاڳو ڪيون پيون وڃن، جن ۾ غيرقانوني اسرائيلي آبادين مان شين جي درآمد تي پابندي، اسرائيلي ڪمپنين سان حڪومتي معاهدن جو جائزو، ۽ اسرائيلي اڏامن ۽ ٽرانزٽ تي پابنديون شامل آهن.
بيلجيم جي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته اهي قدم فلسطين ۾ جاري انساني سانحي، خاص ڪري غزا ۾ صورتحال ۽ اسرائيل طرفان عالمي قانونن جي ڀڃڪڙين جي جواب ۾ کنيا ويا آهن.
هن وضاحت ڪئي ته انهن پابندين جو مقصد اسرائيلي عوام تي نه پر سندن حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ آهي ته جيئن عالمي ۽ انساني قانونن جي پاسداري کي يقيني بڻائي سگهجي.
واضح رهي ته بيلجيم پهريون ملڪ ناهي جنهن فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان کان اڳ فرانس، برطانيا، آسٽريليا ۽ ڪئناڊا به اهڙو فيصلو ڪري چڪا آهن ۽ ان جو باضابطا اعلان به هن مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ متوقع آهي.
Prev Post
You might also like