ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف ضلعن برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب، بنگالي نار ۾ هوا جو دٻاءُ موجود آهي ۽ اِهو سسٽم 7 کان 11 سيپٽمبر تائين سنڌ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ان سسٽم تحت سنڌ ۾ هلڪي ۽ تيز برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ به ڪڪر وسي سگهن ٿا.
موسميات کاتي چوڻ آهي ته شهر ۾ تيز برسات جي صورت ۾ اربن فڊلنگ جو به خطرو آهي.
You might also like