صوبائيت جي چڪر ۾ ملڪ کي پوئتي نه ٿا ڌڪي سگهون، ڪالا باغ ڊيم رياست لاءِ ضروري آهي: گنڊاپور

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم رياست لاءِ ضروري آهي، ۽ جيڪڏهن ان تي ڪنهن کي خدشا آهن ته اهي ختم ڪيا وڃن. اسلام آباد ۾ خيبرپختونخوا هائوس ۾ پارٽي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڊيم نه بڻجڻ جي ڪري برساتن ۽ ٻوڏن سبب ايتري وڏي تباهي ٿي آهي. هن چيو ته اسان ڪجهه ڊيمن جا نالا وٺڻ کان ڊڄون ٿا، ڪالا باغ ڊيم رياست لاءِ لازمي آهي، ۽ جيڪڏهن ان بابت ڪنهن کي خدشا آهن ته ڳالهه ٻولهه ڪري اهي ختم ڪيا وڃن. وڏي وزير چيو ته اسان ڪالا باغ ڊيم جي تعمير لاءِ پنهنجو حصو ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ٻين صوبن کي به پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي. صوبائيت جي چڪر ۾ ملڪ کي پوئتي نه ٿا ڌڪي سگهون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.