ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم اڳواڻ جو وڏو ڀاءُ قتل،لاش رکي ڌرڻو

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لوھي پل لڳ جسقم ضلع صدر والي ڏنو سنڌي جو وڏو ڀاءُ مٺل سبزوئي پنهنجي ئي  برادري جي ھٿياربندن ھٿان قتل ٿي ويو، واقعي بعد ھٿياربند فرار ٿي ويا مقتول جو لاش پوليس کڻائي سول اسپتال آندو جتي قانوني ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو لاش وارثن کڻي گولا موڙ باءِ پاس انڊس ھاوي تي رکي قاتلن جي گرفتاري لاء ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو روڊ بلاڪ ھجڻ ڪري روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جي وڏي قطاريون لڳي ويون ٻھ ڪلاڪ تائين ڌرڻي جاري رھيو جنهن بعد مددگار پوليس انچارج خليل لغاري ڌرڻي ۾ پھچي مقتول جي وارثن سان ڳالھيون ڪري ايس ايس پي سان رابطو پڻ ڪرايو وارثن کي قاتلن جي گرفتاري جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو جنهن بعد لاش وارث ڳوٺ لوھي پل کڻي ويا جتي لاش پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو آخري رسمن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسي وڏي تعداد ۾ شامل ٿيا پوليس جو واقعي بابت چوڻ آهي ته پاڻ ۾ ڪارنھن تان تڪرار ھلندڙ ھو انھي ڪري ھي واقعو پيش آيو آهي والي ڏنو سنڌي جو چوڻ آهي ته ظالمن وڏي ڀاءُ کي بي گناھ قتل ڪري ظلم ڪيو آهي پوليس کان مطالبو آهي ته فوري ڀاء جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.