سڄي سنڌ ۾ بدامني آهي، سرڪار امن امان بحال ڪرائي:صنعان قريشي

ملير (ڊ ر)جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سڄي سنڌ بدامني جي باھ ۾ ٻري رهي آهي، ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، اغوا ٿي رهيا آهن، ڪير به محفوظ ناهي، پر سرڪار ننڊ سُتل آهي، هن وڌيڪ چيو ته جسقم سنڌ ۾ امن جي بحالي لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهي آهي، پر اڄ جسقم ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي صدر ولي ڏنو سبزوئي جي ڀاءُ مٺل سبزوئي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، هن چيو ته جسقم ضلعي اڳواڻ جي قتل ٿيل ڀاءُ مٺل سبزوئي جي قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرڪار کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.