ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ، جنهن جي سربراهي جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ڪري رهيا هئا، ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ماتحت اسڪولن ۾ جونيئر ٽيچرز کي او پي ايس تي هيڊ ماستر مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت کاتي ۾ ايڊيشنل، او پي ايس ۽ ايڪٽنگ چارج ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ اڳ ئي 2014 ۽ 2018 ۾ او پي ايس، ايڊيشنل ۽ ايڪٽنگ چارج ڏيڻ کي غيرقانوني قرار ڏئي چڪي آهي. عدالتي حڪمن جي باوجود اصل اهل اميدوار بدران اهڙي غيرقانوني عمل کي جاري رکڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي. عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي مڪمل طور عمل ڪرائي. درخواست گذارن فريدا شمسا، عبدالباسط ۽ ٻين او پي ايس تي هيڊ ماستر مقرري کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو. عدالت کي ٻڌايو ويو ته حڪومت طرفان سيڪريٽري ليبر کي به 11 مهينن کان سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ سيڪريٽري جي ايڊشنل چارج ڏني وئي آهي جنهن تي عدالت پڻ ناراضگي جو اظهار ڪيو.