لينڊ پورٽ اٿارٽي غير آئيني ۽ غير قانوني آهي:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڄام تماچي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جا ٻيٽ ۽ بندرگاهه سنڌي قوم جي ملڪيت آهن، لينڊ پورٽ اٿارٽي غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، صدر زرداري لينڊ پورٽ اٿارٽي بل 2025ع تي صحيح ڪري سنڌ دشمني ڪئي آهي، صدر زرداري لينڊ پورٽ اٿارٽي تي صحيح ڪري پنهنجي هٿن سان ارڙهين آئيني ترميم جو ڳلو دٻايو آهي. هن اٿارٽي وسيلي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضا ڪرڻ جو وفاق کي پروانو ڏنو ويو آهي، ٻيٽن جو سمورو ڪنٽرول وفاق حوالي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان کان سندن ٻيٽ ڦريا ويا آهن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.