ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار خاطري ڪرائي آهي ته ايندڙ 6 مهينن ۾ ڌاڙيل مرندا يا وري هٿيار ڦٽا ڪندا. ڪراچي ۾ صحافين سان گفتگو دوران هڪ صحافي گهرو وزير کان سوال ڪيو ته ٻوڏ سبب ڪچي جا ڪيترا ڌاڙيل متاثر ٿيندا؟ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ڌاڙيل رجسٽرڊ ناهن هوندا، تصديق نٿا ڪري سگهون ته ڪيترا ڌاڙيل متاثر ٿيندا، ڌاڙيل جو وڌيڪ رجحان سکر ڊويزن ۾ رهيو آهي. هن چيو ته ڪچي جا ماڻهو ڏوهاري هجن يا عام شهري پنهنجا گهر ناهن ڇڏيندا، اهو درست ناهي ته ٻوڏ جي پاڻي سبب ڪچي جا ڌاڙيل ڀڄي ويندا پر مان خاطري ڪرايان ٿو ته ايندڙ 6 مهينن ۾ يا ڌاڙيل مرندا يا هٿيار ڦٽا ڪندا.