ڪراچي ۾ گم ٿيل ٻار جو لاش گٽر مان هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڊاڪس علائقي ۾ مولود تميز الدين خان روڊ سلطان آباد نيو حاجي ڪيمپ پرائيويٽ اسڪول جي ويجهو گٽر نالي ۾ هڪ ٻار جي لاش جي موجودگي جي اطلاع ملڻ تي، پوليس ۽ ايڌي جي نيول سروسز ٽيم موقعي تي پهچي وئي جڏهن ته علائقي جا رهواسي به وڏي تعداد ۾ موقعي تي گڏ ٿي ويا هئا. ايڌي رضاڪارن ٻڏي ويل ٻار جي لاش کي نالي مان ڪڍي ايمبولينس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي فوت ٿيل جي سڃاڻپ 13 سالن جي ابوبڪر پٽ دلدار حسين جي نالي سان ٿي. ٻڏي ويل ٻار جي پيءُ چيو آهي ته جمعي جي ڏينهن 29 آگسٽ تي ڊاڪس ٿاڻي ۾ پنهنجي پٽ جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي هئي. هن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته سندس پٽ جمعي جي ڏينهن شام 7 وڳي روشن اڪيڊمي اسڪول جي ويجهو راند ڪندي گم ٿي ويو هو. رهواسين چيو ته هن شهر ۾ ڪو به محفوظ ناهي. جيڪڏهن ڪو ڦورن کان بچي وڃي ٿو ته ان کي ڊمپرن ۽ ٽرڪن سان ڪچليو ويندو آهي. ۽ جيڪڏهن اتفاق سان اتان بچي به وڃي ٿو ته روڊن تي پيل ننگي تارن سان ڪرنٽ لڳڻ ڪري يا گٽر يا نالي ۾ ڪري پوي ٿو ۽ الله کي پيارا ٿي وڃن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.