ڪراچي ۾ جبري گمشدگين خلاف بلوچ ڪٽنبن جو احتجاج، چڪريون

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ جبري گمشدگين خلاف احتجاجي تحريڪ تيز ٿي وئي آهي. گذريل ڏينهن ماڙي پور جي سنگھور پاڙي مان ڪيترن ئي ڪٽنبن عورتن ۽ ٻارن سان گڏ ريلي ڪڍي، جيڪا مرڪزي شاهراهه تائين پهچي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي وئي. شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ لاپتا پيارن جون تصويرون ۽ پلي ڪارڊ کڻي انصاف ۽ بازيابي لاءِ نعرا هنيا. پوليس ۽ ٻين ادارن جي نفري به پهتي ۽ رستن تان رڪاوٽون هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران مظاهرين سان ڇڪتاڻ به ٿي، پر 3 ڪلاڪ جاري رهندڙ ڌرڻو ان وقت ختم ٿيو جڏهن مظاهرين ۽ اختيارين ۾ ڳالهين کانپوءِ لاپتا ماڻهن جي بازيابي جي خاطري ڪراي وئي. مظاهري دوران لاپتا نوجوانن شيراز بلوچ ۽ سيلان بلوچ جي ڀيڻ گل سدا بلوچ ميڊيا کي ٻڌايو ته 23 مئي تي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا اهلڪار کين کڻي ويا هئا، جنهن کانپوءِ اڄ تائين ڪا خبر ناهي ملي. ساڳي طرح سرفراز بلوچ جي ماءُ بي بي گلشن بلوچ چيو ته منهنجو پٽ ڪيترن مهينن کان لاپتا آهي، مان ماءُ آهيان ۽ منهنجي دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.