ثنا يوسف جي دوست سامعه حجاب کي شادي کان انڪار تي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪر سامعه حجاب کي هراسان ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
اسلام آباد جي شاليمار ٿاڻي ۾ سامعه حجاب جي درخواست تي جوابدار حسن زاهد خلاف هراساني ۽ موتمار ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر موجب جوابدار ڪيترن ئي ڏينهن کان عورت جو پيڇو ڪندو رهيو ۽ تحفا ڏئي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، 31 آگسٽ جي شام ساڍي 6 وڳي جوابدار عورت کي سندس گهر ٻاهران زبردستي گڏ وٺي وڃڻ جي به ڪوشش ڪئي.
ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدار سرعام بدلو وٺڻ سميت موتمار ڌمڪيون به ڏنيون.
واضح رهي ته آچر ڏينهن سامعه پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پيغام پوسٽ ڪندي چيو هو ته لاهور سان واسطو رکندڙ نوجوان حسن زاهد مون کي ڪيترائي ڀيرا شادي جي آڇ ڪئي ۽ رد ڪرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.
هن چيو ته گذريل شام زاهد منهنجي در تي آيو ۽ زبردستي گڏ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کان اڳ منهنجي دوست ثنا يوسف سان به اهڙو واقعو پيش اچي چڪو آهي، مان ثنا نٿي بڻجڻ چاهيان ۽ انهن ڇوڪرين ۾ شامل نٿي ٿيڻ چاهيان، جيڪي پنهنجي لاءِ آواز نه اٿاري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.