صحت جي ماهرن هاءِ بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ نئين دوا کي گيم چينجر قرار ڏئي ڇڏيو.
مشهور رسالي نيو انگلينڊ جرنل آف ميڊيسن جي رپورٽ موجب هاءِ بلڊ پريشر جا اهڙا مريض، جن تي موجوده دوائون اثر نه پيون ڪن، انهن تي نئين دوا ڪامياب رهي آهي.
رپورٽ موجب ان دوا جو نالو بيڪس ڊرو اسٽيٽ آهي، جنهن کي مشهور دواساز ڪمپني ايسٽرا زينيڪا تيار ڪيو آهي، جنهن جا نتيجا ميڊرڊ ۾ يورپين سوسائٽي آف ڪارڊيالاجي ڪانفرنس ۾ پيش ڪيا ويا ۽ مشهور رسالي نيو انگلينڊ جرنل آف ميڊيسن ۾ ڇپيا.
رپورٽ موجب دوا کي عالمي سطح تي هڪ وڏي طبي مطالعي ۾ 796 مريضن تي آزمايو ويو، جنهن کانپوءِ مريضن جو بلڊ پريشر سراسري طور 9 کان 10 ملي ميٽر تائين گهٽ ٿيو.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اها گهٽتائي دل جي دوري، اڌ رنگ ۽ گڙدن جي بيماري جي خطري کي گهٽائي سگهي ٿي، جنهن جي استعمال سان تقريبن 40 سيڪڙو مريضن جو بلڊ پريشر صحتمند سطح تائين پهچي ويو.
مطالعي جي سربراهه پروفيسر برائن وليمز چيو ته مان ڪڏهن به ڪنهن دوا سان ايتري حد تائين بلڊ پريشر ۾ گهٽتائي ناهي ڏٺي، هيءَ دوا انهن ڪروڙين مريضن لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي، جن جو بلڊ پريشر قابو ۾ ناهي ايندو.
Prev Post
You might also like