ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊري فاسٽ بالر وسيم اڪرم پاڪستان ٽي جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي کي پنهنجي ڪيريئر ۾ نالو ٺاهڻ لاءِ اهم صلاحون ڏنيون آهن.
وسيم اڪرم هڪ ٽي وي شو ۾ چيو ته شاهين آفريدي هڪ سپر اسٽار آهي، کيس ميچ دوران پرسڪون انداز اختيار ڪرڻ گهرجي، سندس مستقبل روشن آهي.
هن چيو ته شاهين آفريدي کي ”وسيم اڪرم“ بڻجڻ لاءِ ريڊ بال ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، وائيٽ بال ڪرڪيٽ سولي آهي، جيڪڏهن هو ٽيسٽ ميچ جو رانديگر بڻجڻ لاءِ ذهني طور تيار ٿي ويو ته سڀ شيون ٺيڪ ٿي وينديون.
وسيم اڪرم جو چوڻ هو ته ڪڏهن ڪڏهن اهو ڏسڻو پوي ٿو ته پئسو ته اچي ويندو، پر اهو سوچڻ وڌيڪ اهم آهي ته مان ڪهڙي روايت ڇڏي وڃي رهيو آهيان، رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ماڻهو چون ته هي هڪ سٺو رانديگر هو، اهو سڀ کان اهم آهي.
پنهنجي ڪيريئر بابت ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته اسان پنهنجن وڏڙن، سينيئرن کان پرايو ۽ سکيو ته جڏهن ٽيم سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري رهي ته توهان کي ميدان ۾ لهڻ گهرجي ۽ جڏهن ٽيم سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي هجي ته ڪنهن نوجوان کي موقعو ڏيڻ گهرجي.
You might also like