مرد جا ڪپڙا، جوتا،ڪارون ۽ پئسا اهميت نه ٿارکن، پئسو بيوفا محبوت جيان آهي اڄ آ ته سڀاڻي نه هوندو: عائشه جهانزيب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽي وي ميزبان ۽ اداڪارا عائشه جهانزيب چيو آهي ته ٻين شعبن جيان ميڊيا انڊسٽري ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي به ”دستياب“ سمجهيو ويندو آهي، کين جنس طور ڏٺو ويندو آهي.
ويجهڙ عائشه جهانزيب هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف معاملن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
پروگرام دوران ڳالهائيندي ٽي وي ميزبان چيو ته هوءَ ڪنهن به مرد ۾ رحم دلي ۽ مهرباني واري عادت کي نوٽ ڪندي آهي، هن لاءِ ڪپڙا، جوتا، ڪارون ۽ پئسا ڪا اهميت نٿا رکن.
سندس چوڻ هو ته پئسو زندگيءَ جي گهرجن لاءِ اهم آهي، پر سندس نظر ۾ پئسو بيڪار آهي، ڪنهن جي شخصيت کي پئسن نه پرکڻ گهرجي.
عائشه جهانزيب جو چوڻ هو ته بدقسمتي سان ڪنهن به مرد ۾ سڀ کان پهرين ڪار، پئسو، جوتا ۽ ڪپڙا ڏٺا ويندا آهن.
اداڪارا چيو ته پئسو بي وفا محبوب وانگر آهي، اڄ ڪنهن وٽ هوندو ته سڀاڻي نه هوندو، ۽ ڪيترن ماڻهن وٽ سڄي زندگي پئسو هوندو آهي پر ضرورت وقت ناهي هوندو.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خوبصورتي ميڊيا اسڪرين لاءِ ٺيڪ آهي پر رڳو خوبصورت هئڻ ڪري ڪو به ماڻهو سوڀارو نٿو ٿي سگهي.
هن چيوته خوبصورتي سان گڏ ذهانت تمام گهڻي اهميت آهي، جنهن وٽ دماغ ناهي، اهو ڪڏهن ڪامياب نٿو ٿي سگهي، خوبصورتي جي ڏڍ تي ماڻهو رڳو اسڪرين تائين محدود رهي سگهن ٿا.
عائشه جهانزيب ان معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته بدقسمتي سان ٻين شعبن جيان ميڊيا ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ايندڙ عورتن کي به ”دستياب“ سمجهيو ويندو آهي.
هن چيو ته الميو اِهو آهي ته سڀني شعبن ۾ روزگار لاءِ نڪرندڙ عورتن کي ”دستياب“ سمجهيو ويندو آهي، کين جنس طور ڏٺو ويندو آهي.
ٽي وي ميزبان اتفاق ڪيو ته مردن کي به ”دستياب“ سمجهيو ويندو هوندو، پر ڇو ته پاڪستان مرداڻو معاشرو آهي، تنهنڪري عورتون وڌيڪ شڪار ٿين ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.