ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا پريا مراٺي ڪينسر سان جهيڙيندي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، 38 ورهين جي اداڪارا جي ديهانت جي خبر گذريل ڏينهن سامهون آئي جنهن سڀني کي صدمي ۾ وڪوڙي ڇڏيو.
نوجوان اداڪارا ڪيئي ورهين کان ڪينسر سان جهيڙي رهي هئي ۽ ڪالهه سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو.
پريا مراٺي بالي ووڊ ۽ ٽالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلمن ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، جڏهن ته 2012ع ۾ هن ساٿي اداڪار شانتانو سان شادي ڪئي هئي.
اداڪارا جي وفات تي شوبز انڊسٽري ۽ مداحن طرفان گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.
You might also like