ٽرمپ ڀارت سان واپاري لاڳاپن کي ”هڪ طرفي تباهي“ قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هاڻ ڀارت پنهنجو ٽيڪس ٻڙي ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي پر گهڻي دير ٿي چڪي آهي، اها آڇ ڀارت کي ڪيترائي سال اڳ ڪرڻ گهرجي ها.
ٽرٿ سوشل تي پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان جو ڀارت سان تمام گهٽ ڪاروبار آهي پر ڀارت آمريڪا سان وڏي پيماني تي ڪاروبار ڪندو آهي، ڀارت آمريڪا کي وڏي مقدار ۾ سامان کپائيندو آهي ۽ آمريڪا ڀارتي شين جو سڀ کان وڏو خريدار آهي.
هن چيو ته آمريڪا ڀارت کي گهٽ شيون وڪرو ڪندو آهي، ڏهاڪن کان واپاري تعلق هڪ طرفو رهيو آهي، ڀارت هيل تائين آمريڪا تي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس لڳائي رهيو آهي ۽ ڀارت جي وڌيڪ ٽيڪس سبب آمريڪي ڪمپنيون ڀارت ۾ پنهنجون شيون ناهن کپائي سگهنديون، اها مڪمل طور تي هڪ طرفي تباهي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت تيل جو وڏو حصو ۽ فوجي سامان روس کان خريد ڪندو آهي ۽ آمريڪا کان گهٽ خريد ڪندو آهي، هاڻ ڀارت پنهنجو ٽيڪس ٻڙي ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي پر گهڻي دير ٿي چڪي آهي، ڀارت کي اها آڇ ڪيترائي سال اڳ ڪرڻ گهرجي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.