سکر(رپورٽ: نعيم شاھ+اظهر دايو) سنڌو درياهه ۾ وهڪرن ۾ تيزي سان واڌ بعد سنڌ جي ٽنهي وڏن بيراجن وٽ چاڙهه آهي، گڊو بيراج وٽ وچولي درجي ، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراجن وٽ ننڍي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي. گڊو بيراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 22 هزار 819 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 3 لک 7 هزار 956 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آهي. سکر بيراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 3 هزار 480 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 2 لک 52 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو ساڳئي وقت ڪوٽڙي بيراج وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 73 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 2 لک 44 هزار 739 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ماهرن موجب ايندڙ ڏينهن ۾ درياهي وهڪرن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي، جنهن سبب ضلعي انتظاميا کي احتياطي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پنجاب جي درياهن جو پاڻي ٽمونھن بئراج وٽ پھچڻ کان پوءِ آبپاشي کاتي ٽمونھن بئراج وٽ وڏي ٻوڏ ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي . ٽمونھن بئراج وٽ مٿانهون ھيٺاھون وهڪرو 4 لک 555ھزار 51 ڪيوسڪ آهي. جڏهن ته پنجند بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 91 ھزار732 ڪيوسڪ آهي. گڊو بئراج ڏانهن 77ھزار 762ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي چنيوٽ پل وٽ پاڻي جو وھڪرو 3 لک 4ھزار 220 ڪيوسڪ گنڊا سنگهه والا وٽ 2 لک 53 ھزار68 ڪيوسڪ آهي.