بڊاڻي /گڊو(رپورٽ: مقبول مڙل+ بيورڪ خان لنجواني)سنڌو درياءَ ۾ امڪاني وڏن ٻوڏ جي خطري جي پيش نظر وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڊو بئراج ۽ حفاظتي بندن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي آبپاشي وزير جام خان شورو، سيد ناصر شاهه ۽ مخدوم محبوب زمان به ساڻس گڏ هئا، وزيراعليٰ کي چيف انجنيئر گڊو بئراج سيد سردار شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته موجوده صورتحال مڪمل طور تي ضابطي ۾ آهي، بند مضبوط آهن ۽ حڪومت ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي. ڊپٽي ڪمشنر آغا شيرزمان وزيراعليٰ کي هنگامي منصوبي بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو، بريفنگ ۾ ايم اين اي سردار علي جان خان مزاري، ايم پي اي حاجي عبدالرؤف کوسو، ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي سميت علائقي جا معزز ماڻهو وڏي انگ ۾ موجود هئا. رپورٽ موجب سپر فلڊ جي صورت ۾ ضلعو ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جون 8 يوسيز، 38 ديھ ۽ 171 ڳوٺ متاثر ٿي سگهن ٿا، جتي 2 لک 6 هزار 107 ماڻهو ۽ 2 لک 68 هزار 225 مال جا ڌڻ موجود آهن. ضلع ۾ 31 هزار 257 خاندان رهن ٿا جن جي انخلا لاءِ مڪمل بندوبست ڪيو ويو آهي، ڪشمور ۾ 21 رجسٽرڊ ٻيڙيون ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ 15 ٻيڙيون انخلا ۾ حصو وٺنديون، جڏهنته ضلعو ڀر ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. ٽوڙهي بند، ڪي ڪي بند، گھورا گھاٽ ۽ بي ايس فيڊر آر ڊي 45 تي چار ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ويون آهن. ڪچي جي علائقي ۾ رهندڙ ٻه لک ماڻهن مان پنجاهه کان سٺ سيڪڙو پنهنجن مائٽن وٽ منتقل ٿيندا، 30 سيڪڙو کي حفاظتي بندن ڀرسان اسڪولن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ رهايو ويندو ۽ باقي متاثرن کي ٽينٽ سٽيز ۽ واهڻن ۾ مال سميت پناهه ڏني ويندي، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سپر فلڊ جي صورت ۾ 15 ضلعن، 167 يونين ڪائونسلن ۽ 1651 ديهن کي خطرو آهي، جتي مجموعي طور تي 16 لک 38 هزار 886 ماڻهن جي آبادي (273148 خاندان) متاثر ٿي سگهي ٿي. وڏي وزير چيو ته اين ڊي ايم اي اڳڪٿي ڪئي آهي ته 11 لک ڪيوسڪ پاڻي ايندو،ان ڪري اسان کي سپر فلڊ جي تياري ڪرڻي آهي،پاڻي 9 لک اچي يا 10 لک ڪيوسڪ،ان ۾ ڪچي جو علائقو ته ٻڏندو،اسان فوج سان رابطي ۾ آهيون،اسان جي سڀ کان پهرين ڪوشش هوندي ته انساني جانين جو نقصان نه ٿئي، هن چيو ته اسان کي ڪوشش ڪرڻي آهي ته بند ڪٿان نه ٽٽي،جيڪڏهن 8 يا 9 لک ڪيوسڪ پاڻي اچي ٿو ته شايد شينڪ بند نه بچي سگهي،اسان کي اميد آهي ته 48ڪلاڪن ۾ پاڻي لهي ويندو،ڪچي ۾ جن جي گهرن جو نقصان ٿيندو چيئرمين بلاول جي هدايت تي اهڙا ئي گهر ٺاهي ڏينداسين،هن چيو ته سرڪاري عمارتن ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪئمپون قائم ڪنداسين