سنڌ ۾ ٻوڏ جو وڌندڙ خطرو: ڇا حڪومت حقيقت ۾ حفاظتي انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن؟

درياهه جيڪي نه صرف هن ملڪ جي زرعي معيشت جو بنياد آهن پر ماڻهن جي جيئڻ مرڻ جو وڏو سهارو به آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهي ئي درياهه وقت بوقت وبال بڻجي وڃن ٿا، جڏهن حڪومتي نااهلي، غير منصوبا بندي ۽ قدرتي آفتن جي اڳواٽ تياري نه هجڻ سبب ماڻهو بي يارو مددگار رهجي وڃن ٿا. هن وقت پنجاب جي ٽن وڏن درياهن راوي، چناب ۽ ستلج تباهي آڻي ڇڏي آهي. پاڻي جي سيلاب کي روڪڻ لاءِ جيڪي بند ۽ حفاظتي انتظام ٿيڻ گهرجن هئا، سي وقت سر نه ٿيا، نتيجي ۾ لاهور، قصور، جهنگ، چنيوٽ، سرگوڌا، بهاولنگر ۽ ٻين علائقن جون وسنديون ۽ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن. فوتگين جو انگ 28 کان وڌي ويو آهي. سوين ماڻهو زخمي ۽ بي گهر ٿي ويا آهن. حڪومت پاران فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ 20، 20 لک رپين جي امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا رقم ماڻهن جي جانن جو متبادل ٿي سگهي ٿي؟ ڇا اهڙي امداد وسندڙ ڳوٺن، تباهه ٿيندڙ فصلن ۽ اجڙندڙ زندگين لاءِ ڪنهن به صورت ۾ حقيقي تلافي ٿي سگهي ٿي؟ هن ساري صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي واري ڳالهه اها آهي ته راوي ۽ چناب جي وهڪري ۾ پيدا ٿيندڙ شدت سنڌ ڏانهن رخ ڪري رهي آهي. راجنپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر صاف لفظن ۾ خبردار ڪيو آهي ته سنڌو درياهه ۾ انتهائي اونچي سطح جي ٻوڏ جو خطرو موجود آهي.

ٻوڏ جي خطرن سان لاڳاپيل سڀ کان وڏي الميو اهو آهي ته حڪومت سدائين وقت سر منصوبابندي ڪرڻ بدران، هنگامي حالتن ۾ دير سان قدم کڻي ٿي. مثال طور، لاهور جي وڏين آبادين جهڙوڪ بادامي باغ، ٺوڪر نياز بيگ، بابو صابو ۽ ٻين علائقن ۾ جڏهن پاڻي داخل ٿي ويو، تڏهن ماڻهن کي پنهنجا گهر ڇڏي موٽر وي جي ڪنارن تي منتقل ٿيڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. ساڳي حالت چنيوٽ ۽ سرگوڌا ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جتي سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ زميني رابطا ڪٽجي ويا آهن. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو جو حڪومتي ادارن اڳواٽ ڪو به سنجيده انتظام نه ڪيو. نتيجي ۾ ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيا آهن. اها صورتحال سڌي سنئين حڪومتي نااهلي ۽ انتظامي غفلت جو نتيجو آهي. هاڻي جيڪڏهن سنڌ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ وڏو وهڪرو داخل ٿئي ٿو ته حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي سگهن ٿيون. سنڌ ۾ اڳ ئي بندن جي ڪمزوري، آبپاشي نظام جي زبون حالي ۽ فلڊ رليف جي گهٽتائي سڀني کي خبر آهي. گذريل سالن ۾ جڏهن به درياهه سنڌ ۾ وڏي سطح جي ٻوڏ آئي آهي ته ڪيترا ئي بند ٽٽي پيا، هزارين ڳوٺ ٻڏي ويا ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي پيا. ان سڄي تاريخ مان حڪومت ڪجهه به نه سکيو آهي. جڏهن به ٻوڏ اچي ٿي ته عارضي طور ڪيمپون قائم ڪري ماڻهن کي ٿورو گهڻو کاڌ خوراڪ ڏنو وڃي ٿو ۽ پوءِ چند ڏينهن کان پوءِ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان جيڪي اطلاع اچي رهيا آهن، سي انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. جيڪڏهن راجنپور کان وٺي ڪشمور تائين سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو سطح وڌي ويو ته پهرين مرحلي ۾ ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جا علائقا متاثر ٿيندا. پوءِ اهو وهڪرو سکر بئراج ۽ ان کان اڳتي لنگهي لاڙ جي علائقن تائين پهچي ويندو.

حقيقت اها آهي ته هي صورتحال ملڪ جي غير سنجيدگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿي. سنڌ جي حوالي سان سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ڇا موجوده حڪومت وٽ اهڙي ڪا حڪمت عملي موجود آهي، جيڪا ايندڙ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هجي؟ ڇا بندن جي مرمت ۽ مضبوطيءَ جو ڪم اڳواٽ ڪيو ويو آهي؟ ڇا فلڊ رليف ڪيمپن لاءِ کاڌ خوراڪ، دوا ۽ رهائش جو بندوبست ڪيو ويو آهي؟  ٻوڏ جي امڪاني صورتحال ۾ رڳو حڪومت تي تنقيد ڪرڻ مقصد نه آهي، پر اها وقت جي ضرورت آهي ته هڪ نئين حڪمت عملي ترتيب ڏني وڃي. ان حڪمت عملي ۾ بندن جي مرمت، درياهن جي رخ جي سائنسي طريقي سان نگراني، ڳوٺاڻن کي اڳواٽ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ، کاڌ خوراڪ ۽ صحت جي سهولتن جو بندوبست ڪرڻ ۽ عالمي ادارن کان ٽيڪنيڪي مدد وٺڻ شامل هجڻ گهرجي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت هن امتحان ۾ ڪامياب ٿئي ٿي يا هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿي ٿئي.  جيڪڏهن اڄ قدم نه کنيا ويا ته سڀاڻي سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي تباهيءَ کي منهن ڏيندي.

ٻوڏ کي روڪي نٿو سگهجي پر ان جي اثرن کي گهٽائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اڳواٽ منصوبا بندي ڪئي وڃي، بندن کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو وڃي ته نقصان گهٽجي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن حڪمرانن جي بي حسي ساڳي طرح برقرار رهي ته پوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ ۾  2010 واري  ٻوڏ جهڙي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.