ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ وڌيڪ برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ کي ڏسندي مليريا ۽ ڊينگي پکڙجڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو.
ڊائريڪٽر جنرل ويڪٽر بورن ڊيزيز سنڌ سڀني ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مڇر مار ڦوهاري جي حوالي سان فوري طور قدم کنيا وڃن، جتي جتي ڊينگي ۽ مليريا جي پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، اتي فوري طور اسپري مهم شروع ڪئي وڃي.
وڌيڪ چيو ويو آهي ته سڀني ضلعن ۾ فوري طور فوڪل پرسن مقرر ڪيا وڃن، گڏوگڏ برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت کان اڳ قدم کنيا وڃن.
You might also like