ٽڪ ٽاڪ پنهنجي واهپيدارن لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي، جنهن کانپوءِ هاڻ ايپ تي وائس نوٽس ۽ تصويرون يا وڊيوز موڪلڻ ممڪن ٿي ويو.
نئين فيچر تحت واهپيدار 60 سيڪنڊن تائين آواز رڪارڊ ڪري سڌي ريت پيغام موڪلي سگهي ٿو.
ان کانسواءِ هڪ وقت ۾ 9 تصويرون يا وڊيوز به شيئر ڪري سگهجن ٿيو، ڀلي اهي ڪيمرا مان ورتل هجن يا موبائل جي گيلري مان چونڊيل هجن.
ٽڪ ٽاڪ جو چوڻ آهي ته اها تبديلي رڳو وڊيوز ڏسڻ ۽ شيئر ڪرڻ کان اڳتي وڌي ايپ کي روز مرهه جي ڳالهه ٻولهه لاءِ به هڪ سهولت بڻائيندي، بلڪل ائي ئي جيئن واٽس ايپ يا انسٽاگرام تي ڪيو ويندو آهي.
واهپيدارن جي حفاظت لاءِ ڪمپني هڪ شرط به رکيو آهي، جيڪڏهن ڪو شخص پهريون ڀيرو توهان کي پيغام موڪلي رهيو آهي ته هو پنهنجي ورتل تصوير يا وڊيو نه موڪلي سگهندو پر رڳو ٽڪ ٽاڪ تي موجود مواد ئي شيئر ڪري سگهندو.
ڪمپني موجب اها سهولت ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ سڀني واهپيدارن لاءِ دستياب هوندي.
You might also like