ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ماورا حسين عورتن جي مالي آزادي تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن جي پنهنجي آمدني جي ڳالهه ئي ٻي هوندي آهي.
سوشل ميڊيا تي اداڪارا جي هڪ مختصر ڪلپ وائرل آهي، جنهن ۾ هوءَ چئي ٿي ته جيتريون به ڇوڪريون مون کي ڏسي رهيون آهن، انهن کي اهو چونديس ته اڄڪلهه هن دنيا ۾ مالي آزادي کان وڏي ٻي ڪا شئي ناهي.
هن چيو ته ڀلي توهان جي فيملي مالي طور ڪيتري به مضبوط هجي، توهان مضبوط بيڪ گرائونڊ سان هجو، توهان جو مڙس يا ساهرا ڀلي امير هجن پر جڏهن توهان وٽ پنهنجا ڪمايل پيسا هوندا ته توهان جي اندر زبردست اعتماد هوندو.
اداڪارا جي وائرل ڪلپ تي واهپيدارن طرفان تبصرن جو سلسلو جاري آهي، ڪيترن ئي واهپيدارن ماورا جي ڳالهه کي درست قرار ڏنو ۽ چيو ته اڄڪلهه جي دور ۾ عورتن وٽ پنهنجي آمدني هجڻ ضروري آهي.
ڪجهه واهپيدارن چيو ته اڄڪلهه جي دور ۾ نوڪري ملڻ يا پيسو ڪمائڻ ڏکيو آهي ته اهڙي قسم جي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي.
You might also like